اسماعيل شاهه بخاري جي درگاهه

اسماعيل شاهه بخاريءَ جي درگاهه: هي مقبرو تورڪي قبرستان (نصرپور لڳ) واقع آهي ۽ ارغون ترخان دور سان تعلق رکي ٿو. ميين ونھين جي مقبري کان اولهه ۾ ھڪ سفيد قبو، اسماعيل شاهه بخاريءَ جي مزار آھي. ڪوبه ڪتبو وغيره لڳل ڪونه آھي. مزار جي دروازي تي نھايت نفيس ڪم ٿيل آھي. پاڻ مٽيارين جو ويٺل ھو. ميين ونھين جو ھم عصر ھو. ميين ونھين جي وفات کان پوءِ ھن بزرگ به جھان ڇڏيو. اتي ھر سال ميلو لڳندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو